سنڌ سرڪار،آدمشماري جَي عبوري نتيجن تحت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهرمعذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ سرڪار، آدمشماري جَي عبوري نتيجن تحت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر معذرت ڪري ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر جِي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميشن جَي بلدياتي چونڊن بابت اجلاس دوران سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب پيش ٿيو، اجلاس ۾ مرتضيٰ وهاب طرفان آدم شماري جَي عبوري رپورٽ تحت تڪبنديون غيرآئيني قرار، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري آءِ پي سي کي وزيراعظم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آدم شماري جِي حتمي رپورٽ پهرين مارچ کان اڳ جاري ڪئي وڃي، سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن واري معاملي تي ٻڌڻي مارچ جي پهرئين هفتي ۾ ڪئي ويندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔