محبت واري ڏهاڙي تي استاد راحت فتح علي خان جو پنهنجي مداحن لاءِ انوکو تحفو!

ڪراچي: رومانس جي شهزادي ۽ سرن جي سلطان استاد راحت فتح علي خان 14 فيبروري محبتن جي عالمي ڏينهن تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئون تجربو ڪرڻ وڃي رهيو آهي ، هو Live Stream وسيلي دنيا جي درجنين ملڪن ۾ پنهنجي سرن کي وکيريندو.

استاد راحت فتح علي خان 14 فيبروري تي رات جو اٺين وڳي کان ٻن ڪلاڪن تائين پنهنجي پيار ڀريل گيتن جي برسات ڪندو.

استاد راحت فتح علي خان پاڪستان جو پهريون فنڪارآهي جنهن کي سڀ کان وڌيڪ يوٽيوب تي ڏٺو ويو، سندس ڳايل گيت ..ضروري هو ته يوٽيوب تي سو ڪروڙ کان وڌيڪ ڏٺو ويو ۽ پسند ڪيو ويو.

آڪسفورڊ يونيورسٽي مان موسيقي جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ عالمي شهرت يافتا راڳي استاد راحت فتح علي خان جا ڳايل گهڻي ڀاڱي گيت رومانس ۽ محبت ۾ ٻڏل آهن، سندس ڳايل رومانوي گانن کي فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ غير معمولي شهرت حاصل ٿي آهي .

استاد راحت فتح علي خان جو چوڻ آهي ته ڪورونا سان گڏ جيڪا زندگي گذري رهي آهي اها تمام خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون دوران سڀ کان وڌيڪ پنهنجي مداحن ۽ پيار ڪرڻ وارن کي ياد ڪيو ۽ سڀني لاءِ دعائون ڪيون ته الله تعاليٰ سڀني  کي پنهنجي امانَ ۾ رکي .

هن چيو ته ننڍپڻ کان استاد نصرت فتح علي خان مون کي سچي موسييقي جي تربيت ڏني ، عاشقي مان ڪڏهن به ناهيان گذريو ، سڄي زندگي موسيقي سان عشق ڪيو .

سندس چوڻ هو ته منهنجي زندگي جو هڪ هڪ پل محبت ۾ ٻڏل آهي ، ويلنٽائن ڊي جي موقع تي امريڪا جي درجنين رياستن سميت ،يورپ ، متحده عرب امارات، سري لنڪا، ڀارت، آسٽريليا ، نيوزي لينڊ ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ منهنجا لکين مداح Live Stream وسيلي گهر ويٺي رومانٽڪ گانا ٻڌي سگهندا .

انٽرنيشنل ميوزڪ پروڊيوسر سلمان احمد ٻڌايو ته استاد راحت فتح علي خان ٻن ڪلاڪن تائين لاڳيتو پرفارمنس ڏيندو.

پروگرام ۾ گهر ويٺي شرڪت لاءِ اسان جي سوشل ميڊيا سان رابطي ۾ رهو، اميد آهي ته اسان جو اهو تجربو ڪورونا جي اداس ڪيفيت کي دور ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔