ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ رکيل جانورن ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ انتظامن جا تفصيل طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ رکيل جانور ۽ سندن سار سنڀال لاءِ انتظامن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ٻيلي کاتي ۽ چڙيا گهري جي سينيئر ڊائريڪٽر کي نوٽيسز جاري، پاڪستان اينيمل واچ چڙيا گهر جي حالت خراب قرار ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي دوران پاڪستان اينيمل واچ جي نمائندي چيو ته ڪراچي ۾ چڙيا گهر جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪير به نه آهي، چڙيا گهر جي حالت انتهائي خراب آهي، جانورن کي صحيح کاڌو پيتو نٿو ڏنو وڃي، چڙيا گهر ۾ رکيل جانورن جي جسم تي تشدد جا به نشان آهن، عدالت اختيارين ۽ لاڳاپيل ڌُرين کان 10 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔