حڪومت جي نئين آرڊيننس تحت بلدياتي چونڊون آگسٽ تائين نٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن

لاهور: اليڪشن ڪميشن موجب حڪومت جي نئين آرڊيننس تحت بلدياتي چونڊون آگسٽ تائين نٿيون ڪرائي سگهجن. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجو ئي ٺاهيل بلدياتي قانون عمل ڪرڻ کان اڳ ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ نئين ارڊيننس جي تحت چونڊون نه ته جون ۾ ممڪن آهن ۽ نه ئي وري آگسٽ ۾.ڇو ته نئين آرڊيننس سان نيون تڪ بنديون ڪرائڻيون پونديون.

ٻئي طرف پنجاب حڪومت چيو آهي ته نئين آرڊيننس سان بلدياتي ادارا مضبوط ۽ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿيندا. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن هڪ ئي وقت چونڊن جي بجاءِ مرحليوار چونڊون ڪرائي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي 3 ڊويزنن ۾ اليڪشن آگسٽ ۾ ڪرائي سگهجن ٿيون. حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس موجب نئين آرڊيننس جي تحت هر ڳوٺ ۾ پنج ماڻهن تي ٻڌل پنچائت بڻجندي. شهري علائقن ۾ نيبريڊ ڪائونسل ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وليج ڪائونسل هوندي. نيبريڊ ڪائونسل ۽ وليج ڪائونسل جو انگ 25 هزار کان گهٽ ڪري 6 يا 8 هزار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آرڊيننس موجب ويليج ڪائونسل ۽ نيبريڊ ڪائونسل 13 چونڊيل ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ٽائون ڪميٽي 20 جي بجاءِ 50 هزار جي آبادي تي قائم هوندي ۽ ميونسپل ڪميٽي 75 هزار جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن اڍائي لک آبادي تي ٻڌل هوندي. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته مري کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو آهي. هر ڊويزن هيڊ ڪوارٽر ضلع ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن چورائيندي. بلدياتي چونڊون هر سطح تي پارٽي بنيادن تي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔