برطانوي ڪمپني ست اسڪرينن وارو دنيا جو پهريون ليپ ٽاپ وڪرو لاءِ پيش ڪري ڇڏيو

لنڊن: برطانوي ڪمپني دنيا جو هڪ انوکو ليپ ٽاپ ٺاهيو آهي جنهن ۾ هڪ نه، ٻه نه پر پوريون ست ڊسپلي اسڪرينون آهن جيڪي انتهائي سنجيده ڪمن جي لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون.هن ڪمپيوٽر کي ايڪسپين اسڪيپ آرورا سيون جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي ايڪسپين اسڪيپ نالي ڪمپني تيار ڪيو آهي هن کي سائبر سيڪيورٽي، سيڪيورٽي ڪيمرن جي فوٽيج، آءِ ٽي ماهرن، ڊيزائنر، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ آن لائن ٽريڊنگ جي ماهرن لاءِ خاص طور تي تيار ڪيو ويو آهي. عام طور تي ورڪ اسٽيشن تي هڪ يا ٻه ڊسپلي ڪافي هوندا آهن پر عام ماڻهو هڪ کان وڌيڪ اسڪرينن سان پريشان ٿي سگهن ٿا.هي دنيا جو پهريون ليپ ٽاپ آهي جنهن تي مختلف قسمن جا ست ڊسپلي لڳايا ويا آهن. اهڙي طرح اسڪين اسڪيپ آرورزا سيون دنيا جو پهريون ست ڊسپلي وارو ورڪ اسٽيشن به آهي. ياد رهي ته تصوير ۾ نظر ايندڙ ليپ ٽاپ حتمي ڊيزائن ناهي پر هي ڪنهن جي آرڊر تي تيار ڪيل نمونو آهي جنهن کي پروٽو ٽائپ جو نالو ڏنو ويو آهي.پروٽو ٽائپ جون خبرون وائرل ٿيندي ئي ڪمپني کي هڪ ٻئي پٺيان آرڊر مليا آهن. پر ان حوالي سان ڪمپني کي هڪ خط لکي معاهدي تي صحيحون ڪرڻيون پونديون ته اوهان ست اسڪرين وارو ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ چاهيون ٿا.ان کان پوءِ خاص رقم بطور ايڊوانس ڏيڻي پوندي پر ايڪسپين اسڪيپ اڃان تائين ان جي قيمت کان آگاهه نه ڪيو آهي. هن ليپ ٽاپ ۾ ڪمپيوٽر ۽ ڊسپلي جي لاءِ ڌار ڌار بيٽريون لڳايون ويون آهن جيڪي ٻن ڪلاڪن تائين هلنديون رهنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔