دنيا جي سڀني کان وڌيڪ تيز رفتار ڪار تيار ٿي وئي

لنڊن: ٽيسلا جي اڳوڻي انجنيئر ۽ لوسڊ ايئر جي چيف ايگزيڪٽو دعويٰ ڪئي آهي ته هن تيز رفتار اليڪٽرڪ ڪار تيار ڪئي آهي جيڪا هڪ دفعو چارجنگ سان ڊگهو فاصلو طئي ڪري سگهندي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ليسڊ جي چيف ايگزيڪٽو ۽ ٽيسلا جي اڳوڻي انجنيئر پيٽر رائسن جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ جي ماڊل ايس جيان لوسيڊ ايس جي اليڪٽرڪ ڪار هڪ بهتر اڳڀرائي ثابت ٿيندي. هن چيو ته جڏهن مان 2012 ۾ ٽيسلا جي لاءِ ماڊل ايس ڊيزائن ڪيو هو ته ڪنهن کي به يقين نه اچي رهيو هو پر ان ڪار دنيا ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو هو.هن ڀيري به ان جي ڪم تي ڪنهن کي اعتبار ناهي ٿي رهيو پر هو هڪ دفعو ٻيهر انقلاب پيدا ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پيٽر رائنسن چيو آهي ته هي هن ڪمپني جي پهرين ڪار هوندي. جيڪا هلندڙ سال وڪرو جي لاءِ مارڪيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.هي اليڪٽرڪ ڪار هڪ دفعو چارجنگ ۾ 517 ميل يعني 832 ڪلو ميٽرن تائين جو فاصلو طئي ڪري سگهندي. هن چيو ته هي ڪار صرف ٻن سيڪنڊن ۾ ئي ٻُڙي کان 60 ميل جي رفتار پڪڙي سگهي ٿي جيڪو ٽيسلا جي ماڊل ايس کان وڌيڪ تيز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔