اي سي سي خانگي بجلي گهرن کي 403 ارب رپين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي خانگي بجلي گهرن کي 403 ارب رپين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، آئي پي پيز کي ٻن قسطن ۾ دائيگي ڪئي ويندي، 161 ارب رپين جي پهرين قسط وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ ادا ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت خانگي بجلي گهرن سان ڪيل معاهدن بابت رپورٽ پيش ڪئي.
عملدرآمد ڪميٽي 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي رهتن جي ادائيگي جو طريقيڪار به پيش ڪيو.
اي سي سي آءِ پي پيز کي 403 ارب رپين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ پي پيز کي ٻن قسطن ۾ ادائيگي ڪئي ويندي پهرين مرحلي ۾ 161 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي ويندي ٻي قسط 6 مهينن کان پوءِ ادا ڪئي ويندي، آءِ پي پيز کي ادائيگين جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي.
اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي جي ڪاوشن کي ساراهيندي توانائي واري وزير، پلاننگ، پاور ۽ چيئرمين فيڊرل لينڊ ڪميشن کي ڀيٽا پيش ڪئي. اي سي سي هدايت ڪئي ته عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ کي وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو ان سان قومي ناڻي کي ايندڙ سالن ۾ 836 ارب رپين جي بچت ٿيندي.
اي سي سي ايف بي آر کي 35 ڪروڙ 50 لک رپين جي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي ايف بي آر کي شگر ملز ۾ ويڊيو ڪيمرا لڳائڻ جي لاءِ فنڊن جي ادائيگي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔