ميتن لاءِ ايمبولينسز نه ڏيڻ وارو صحت کاتي جو فرمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي: ميتن لاءِ ايمبولينسز نه ڏيڻ وارو صحت کاتي جو فرمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، ڊي جي هيلٿ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بُنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ايمبولينسز نه ملڻ سبب ميتن جي بيحرمتي ٿئي ٿي، ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش چنگچي رڪشا ۽ گڏهه گاڏن ذريعي نيئڻ تي مجبور آهن، حڪمران عوام جي پئسي سان شاهه خرچيون ڪري رهيا آهن، ايمبولينسز ڏيڻ تي پابندي بُنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ۽ غريب عوام سان ناانصافي آهي، درخواست ۾ ايمبولينسز بابت 24 جنوري تي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔