ملير ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن، حليم عادل شيخ جي ڀاءُ ۽ سئوٽ جا فارم هائوس ڊاهي پٽ

ڪراچي: ملير ۾ ائنٽي انڪروچمينٽ سيل طرفان غيرقانوني اڏاوتن ۽ حددخلين خلاف آپريشن، عملي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ڀاءُ عظيم عادل ۽ ڪزن جي فارم هائوس سوڌو ڪيتريون ئي اڏاوتون ڊاهي پٽ، حليم عادل شيخ جي ڀاءُ جي فارم هائوس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سِيل، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ملير آپريشن کي سياسي قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي سنڌ حڪومت انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، فارم هائوس سوڌو ٻين اڏاوتن جا ڪاغذ موجود آهن، نوٽيس جاري ڪرڻ بنا اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پنجاب ۾ آپريشن تي خوش ٿيندڙ حليم عادل کي ملير آپريشن جي به ساراهه ڪرڻ گهرجي، آپريشن دوران سرڪاري زمين تان قبضا ڇڏايا ويا آهن، آپريشن آڏو رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون ته ذميوارن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔