سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آرڊيننس وارو آپشن استعمال ڪرڻ جا سانباها

اسلام آباد: سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ کانپوءِ آرڊيننس وارو آپشن استعمال ڪرڻ جا سانباها، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آرڊيننس تيار ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران آرڊيننس جو مسودو تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، آرڊيننس تي عمل سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط هوندو، ذريعن موجب آرڊيننس جي مسودي ۾ لکيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن آئين موجب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته ڳجهي ووٽنگ ڪرائي ويندي، سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن قانون موجب ڪرائڻ بابت راءِ ڏني ته اوپن بيلٽ ذريعي چونڊون ڪرايون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔