سينيٽ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کٽڻ لاءِ گورنر ۽ وڏي وزير وچ ۾ اهم گڏجاڻي

لاهور: سينيٽ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کٽڻ لاءِ حڪمت عملي جي تياري، گورنر ۽ پنجاب جي وڏي وزير وچ ۾ اهم گڏجاڻي ٿي گذري.

قانون واري وزير راجه بشارت ۽ وڏي وزير جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ به گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزيرن کي به اسيمبلي ميمبرن سان رابطن جي ذميواري ڏني ويندي.

ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چوڌري سروس چيو هو ته اتحادين سان ملي سينيٽ چونڊن ۾ مخالفن کي تحفو ڏينداسين. پارٽي قيادت جنهن به اميدوار کي فائنل ڪندي ان کي ڪامياب ڪرائينداسين. سينيٽ چونڊن ۾ اپوزيشن ووٽ چورن جي حمايتي بڻجي چڪي آهي. پي ڊي ايم جي مرضي آهي ته جيتريون به ڌمڪيون ڏئي پر وزيراعظم عمران خان ئي رهندو.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته اپوزيشن کي هر محاذ جيان سينيٽ چونڊن ۾ به شڪست ڏينداسين. سمورا اسيمبلي ميمبر پارٽي پاليسين سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان اڳيان وڌي رهيو آهي. اپوزيشن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔