وزيراعظم سان پارليامينٽريز جي ملاقات تڪن ۾ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن تي ڳالهيون

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان پارليامينٽريز ملاقات ڪئي آهي. عمران خان پارليامينٽريز کي تڪن ۾ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ۽ ترقياتي ڪمن تي ڳالهيون ڪيون.

وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ صاحبزاده محمد محبوب سلطان، حيدر علي خان، سردار محمد آصف نڪئي، ميان شفيق آرائين، ملڪ عمر اسلم، محمد امير سلطان، پرنس نواز الائي شامل هئا. صوبائي اسيمبلي ميمبر زبير احمد، ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.

عمران خان جهنگ ۾ نئين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال، لودهران ۾ ريلوي انڊر پاس تعمير جي درخواست تي عمل ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي. پارليامينٽريز ملتان لودهران روڊ جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جي منظوري تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان سوات موٽر وي جي توسيع جي درخواست تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. پارليامينٽريز ملتان لودهران روڊ جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جي منظوري تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو.

وزيراعظم عمران خان سوات موٽر وي جي توسيع جي درخواست تي عمل ڪرڻ جي يقيني دهاني ڪرائي ۽ سروي آف پاڪستان جي تحت بٽگرام ۽ ڪوهستان بائونڊري جيل جلد  نوٽيفڪيشن جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته سياحت کي هٿي، ماحوليات ۽ جنگلات  جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن سهوليت فراهم ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔