شماريات کاتي طرفان گذريل هفتي ۾ مهانگائيءَ جي شرح 10 ڏهائي 53 سيڪڙو وڌڻ جو اعتراف

اسلام آباد : ملڪ اندر مهانگائيءَ جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، شماريات کاتي طرفان گذريل هفتي دوران مهانگائيءَ جي شرح ۾ 10 ڏهائي 53 سيڪڙو واڌ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته 31 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪڪڙ 6 رُپيا ۽ گيهه 4 رُپيا في ڪلو مهانگو ٿيو آهي،

شماريات کاتي موجب ڳاڙهن مرچن جي قيمتن ۾ 25 روپيا اضافو ٿيو ۽ گهرليو سيلينڊر ۾ 36 روپيا مهانگو ٿيو آهي، شماريات کاتي موجب چڻن جي دال پوڻا 2 روپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي، ٿوم، مسور جي دال، ڳڙ، واشنگ سوپ، ڪاٺيون ۽ وهنجڻ وارا صابڻ به مهانگا ٿي ويا.

جڏهن ته هڪ هفتي دوران 7 شين جون قيمتون گهٽيون آهن، جن ۾ ٽماٽر، بصر، بيضا، ماش جي دال، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ٽماٽر 4 روپيا، بصر هڪ روپيو، کنڊ جو فيل ڪلو 8 پئسا ۽ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي ۾ 24 پيسا گهٽ ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ هفتي دوران تازو کير، ڏهي ۽ چانهن سوڌو 13 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔