ملير ويجهو تيز رفتار مني بس جي ٽڪر سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي

ملير : ملير ويجهو  شرافي ٿاڻي جي حد مانسهرا ڪالوني ويجهو تيز رفتار مني بس جي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 40 ورهين جي بلقيس زال عارف، 60 ورهين جو عبدالقادر پٽ جان محمد ۽ جان پٽ ابراهيم شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ 42 ورهين جي شبنم زال نعيم ۽ ٻه نامعلوم شامل آھن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔