سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 28 ماڻهو جانيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 28 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ آپريشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 319 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن کانپوءِ مجموعي ڪووِڊ ٽيسٽن جوانگ 81 لک 55 هزار 766 ٿي ويو.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 286 هاڪاري ڪيس سامهون آيا آهن ، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق مريضن جو انگ 5 لک 53 هزار 128 آهي .

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 32 هزار 514 آهي جڏهن به هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔