ڀارتي آفيسر پاڻي جي بوتل سمجهي سينيٽائيزر پي ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ سرڪاري آفيسر پاڻي جي بوتل سمجهي سينيٽائيزر پي ڇڏيو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سينيٽائيزر جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڀارت ۾ رميش پوار نالي سرڪاري آفيسر پاڻي جي بوتل سمجهي سينيٽائيزر پي ڇڏيو. ڀارت ۾ رميش پوار نالي سرڪاري آفيسر جي بجيٽ ڪميٽي جي اجلاس دوران غلطي سان سينيٽائيزر پيئڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.رميش پوار بجيٽ جا دستاويز ڏيکارڻ کان پوءِ جيئن ئي ڪرسي تي ويٺو ته پاڻي سمجهي سينيٽائيزر پي ڇڏيو. رميش پوار کي جيئن ئي احساس ٿيو ته هي سينيٽائيزر آهي ته هن فورن ئي ان کي گُرڙي ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ کلي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.جڏهن ته سندس پاسي ۾ موجود ماڻهن کيس فوري طور تي ڌيان ڏياريو. ڀارتي ميڊيا موجب رميش پوار برهن ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي آهي ۽ مذڪوره واقعو مغربي ڀارت جي رياست مهاراشٽر ممبئي مان هڪ بجيٽ اجلاس جي دوران پيش آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔