ميانمار پوليس پاران برطرف اڳواڻ آنگ سانگ سوچي مٿان امپورٽ ايڪسپورٽ قانون جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل

رنگون: ميانمار جي پوليس برطرف اڳواڻ آنگ سانگ سوچي مٿان امپورٽ ايڪسپورٽ قانون جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪري سندس نظربندي 15 فيبروري تائين وڌائڻ جي گهر ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس وٽان هٿ آيل دستاويزن موجب فوجي آفيسرن آنگ سانگ سوچي جي گهر جي تلاشي ورتي ته کين ريڊيو مليا، جيڪي غير قانوني طور باهران گهرايا ويا ۽ بنا اجازت استعمال ڪيا پئي ويا. پوليس ميانمار جي برطرف صدر خلاف پڻ قدرتي آفتن واري قانون جي ڀڇڪڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔