ڪو به قانون چونڊيل نمائندي کي سندس پارٽي جي اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو پابند نه ٿو بڻائي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : پهرئين ڏينهن کان اِن سوال جو جواب نه ٿو ملي ته پارٽيءَ خلاف ووٽ ڏيڻ تي نااهلي نه ٿي ٿي سگهي ته پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڪو به قانون چونڊيل نمائندي کي سندس پارٽي جي اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو پابند نه ٿو بڻائي، ووٽ خريد ڪرڻ جي ثبوتن تي ڪا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، اوپن ووٽنگ ۾ به ووٽ خريد ڪرڻ جون شاهديون نه ملن ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت ريفرنس تي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن جا ريمارڪس، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته پارٽيءَ جي خلاف ڪنهن ووٽ ڏنو، ماڻهو رڳو اُميدوار نه، پر پارٽي کي به ووٽ ڏيندا آهن، حڪومت رڳو چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ گهري ٿي، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ريفرنس تي عدالتي راءِ حتمي نه هوندي، حڪومت کي هر صورت ۾ قانونسازي ڪرڻي پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔