جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مستقل ضمانت منظور

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مستقل ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اڳوڻي صدر کي طبي بنيادن تي ريليف ڏنو ويو آهي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي مستقل ضمانت منظور، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي اڳوڻي صدر جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي.

شڪي ٽرانزيڪيشن ڪيس ۾ آصف زرداري جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. عدالت ضمانت طبي بنيادن تي منظور ڪئي. آصف علي زرداري جي ضمانت واري درخواست تي نيب پنڊي طرفان نه مخالفت ۽ نه ئي وري حمايت ڪئي وئي.

واضح رهي ته مذڪوره ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي خلاف نيب 8 ارب جي شڪي ٽرانزيڪشن جو الزام هڻي رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔