سنڌهاءِ ڪورٽ پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن لاءِ جلد قانونسازي جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن لاءِ جلد قانونسازي جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊيٽا پروٽيڪشن بابت قانونسازي ڪرڻي آهي ته وفاقي سرڪار دير ڇو ڪري رهي آهي؟ هي ملڪي مفادن جو مامرو آهي، جلد قانونسازي ڪئي وڃي، ڪا سيڪريٽ ڊيٽا ليڪ ٿي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل اعتراف ڪيو ته بدقسمتي سان مٿين سطح تي معاملا اهڙا هوندا آهن جو شيون ٺهندي ٺهندي رهجي وڃن ٿيون، عدالت وفاقي سرڪار کان 5 مارچ تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔