جعلي پائلٽ لائسنس جاري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي : جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت جعلي امتحان ذريعي جعلي پائلٽ لائسنس جاري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (لائسنس برانچ) خالد محمود، سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر فيصل منصور سميت ٻين  جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي،

ڪالهه  ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر عبدالجبار مينڌرو عدالت کي ٻڌايو ته اسان جعلي پائلٽ لائسنس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي،سول ايوي ايشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي درخواست تي جوابدارن خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

ڪيس ۾ 40 پائلٽ ،8 سرڪاري آفيسر ۽ هڪ خانگي شهري نامزد آهي، جاچ آفيسر موجب ڄاڻايل ڪيسن ۾ 6 پي سي اي اي آفيسر گرفتار آهن، جڏهن ته لائسنس برانچ ۽ پائلٽ جي رڪارڊ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. هوڏانهن آزاد ذريعن ٻڌايو ته جعلي امتحان ذريعي جعلي پائلٽ لائسنس حاصل ڪندڙ اميدوارن مافيا جي ايجنٽن کي 10 کان 25 لک رپيا ادا ڪيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔