ڪورونا وگهي وڌيڪ 63 فوتگيون، 12 سئو کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته 1 هزار 220 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران  ڪورونا وگهي 63 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 1 هزار 220 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 47 هزار 648 جڏهن ته 11 هزار 746 فوتگيون ٿيون آهن.

ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 2 هزار 537 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 813 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا.

سنڌ ۾ 2  لک 47 هزار 727، پنجاب هڪ لک 58 هزار 220، ڪي پي ڪي 67 هزار 419، بلوچستان ۾ 18 هزار 830، اسلام آباد 41 هزار 493، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 909 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 9 هزار 50 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔