سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪيئن اغوا ڪري پئسا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو: جاويد عباسي

اسلام آباد: نون ليگ جَي سينيٽر جاويد عباسي سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته سڀ ڄاڻو ٿا ته ڪيئن ماڻهن کي اغوا ڪري پئسا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته عدالتن ۾ ٽرائيل ٿيڻ بعد ڪيتري رقم جمع ڪرائي وئي ۽ نيب جا ڪيترا ڪيس پڄاڻي تي پهتا؟، وفاقي وزير علي محمد خان چيو ته وزير اعظم به پلي بارگين خلاف آهي، ايون فيلڊ ۾ 7 ارب رپين جو ڏنڊ لاڳو ٿيو، جيڪي پئسا ڀري رهيا آهيون، والينٽري ريٽرن جا تفصيل نيب هيڊ ڪوارٽر کان ملي سگهن ٿا يا پوءِ رائيونڊ مان يا وري نواز شريف کان سوال ڪري وٺو: علي محمد خان جي جواب تي اپوزيشن پاران ايوان ۾ احتجاج ڪيو ۽ جاويد عباسي چيو ته، وزير صاحب! سوال جو جواب ڏيو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪيو، پارليامينٽ ۾ رڳو ٻٽاڪون ناهن هڻبيون: اعظم سواتي چيو ته قيامت جي نشاني آهي جو جاويد عباسي جهڙو ماڻهو نيب خلاف ڳالهائي رهيو آهي، گَجر کائڻ سبب جنهن کي قبضي ٿي ته نيب اُن کي ڦڪي ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔