ڪرپشن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي:شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪرپشن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي.

ان حوالي سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي ٿي رهي آهي ان جو دارومدار توهان جي معاشري تي آهي.

هن چيو ته ان جا ذميوار ڪافي سالن جا ماڻهو آهن، ائين نه آهي ته جيئن عمران خان حلف کڻندو ته ڪرپشن ختم ٿي ويندي.

شبلي فراز جو وڌيڪ چوڻ هو ته تبديلي ڪو موقعو ناهي، هي هڪ عمل آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ ناهي، ان جو اثر آهستي آهستي وزيرن تي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔