ايس ايس جي سي سنڌ ۾ گئس جي کوٽ فطري مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سئي سدرن گئس ڪمپني سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ ۾ گئس جي کوٽ کي فطري مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گئس بحران خلاف درخواست تي جواب جمع ڪرائيندي ايس ايس جي سي انتظاميا چيو آهي ته سياري ۾ گئس جي کپت وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽجي ويندي آهي، گهريلو واهپيدارن، صنعتن، دڪانن ۽ سي اين جي اسٽيشنز جا ڪنيڪشنز هڪ ئي لائين سان ڳنڍيل آهن، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ 68 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو، تنهن ڪري گئس تي سڀ کان پهرين حق سنڌ جو ئي آهي، سئي سدرن گئس ڪمپني جي جواب تي درخواستگذار کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔