پوليس وارئو،ڪجهه ته خدا جو خوف ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : پوليس وارئو، ڪجهه ته خدا جو خوف ڪيو، جيڪڏهن اڄ گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل نه ڪيو ته لاڳاپيل ايس ايس پي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪو ويو ، گم ٿيل شهري جي والد عدالت کي ٻڌايو ته شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائي ويس پر ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي، معزز جج عدالت ۾ موجود پوليس عملدارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڪير هو، ڇا هيءَ اهلڪار هو؟، درخواستگذار چيو ته جج صاحب، هيءَ اهلڪار ته ٿاڻي تي موجود ئي نه هو،  عدالت گم ٿيل شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔