هفتي ۾ اڌ پاءُ تريل شين جو استعمال به دل جي لاءِ خطرناڪ آهي: تحقيق

بيجنگ: چيني ماهرن هڪ تفصيلي تحقيق کان پوءِ انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو هفتي ۾ صرف 4 اونس(114 گرام) تريل شيون به کائيندا آهن ته انهن جي دل جي دوري جو خطرو 12 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.ماضي جي طبي جاچ تريل شيون کائڻ جو ٿولهه، ٽائپ 2 شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر بابت ثابت ٿي چڪو آهي پر اهو اڳ تحقيق آهي ته جنهن ۾ تريل کاڌن جي دل جي صحت تي اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي.تحقيق جي حوالي سان چيني طبي ماهرن 23 وسيع مطالعن جو ڊيٽا استعمال ڪيو جيڪي گڏيل طور تي 13 لک کان وڌيڪ ماڻهن مان حاصل ڪيو ويو هو. ان مان 562.873 ماڻهن ۽ دل جي نقصان جو سبب بنجندڙ 36727 واقعن تي ٻڌل 17 مطالعات جو جائزو وٺي تريل کاڌن ۽ دل جي خرابين ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو.ٻين 6 مطالعن جو ڊيٽا استعمال ڪري تريل کاڌن ۽ فوتگين جي وچ ۾ تعلق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان مطالعي ۾ 754.873 رضاڪارن شرڪت ڪئي جڏهن ته 85.906 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔