ڀارت ٽڪ ٽاڪ سميت اوڻهٺ چيني ايپس تي مستقل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

نئين دهلي: ڀارت ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ سميت 59 ايپليڪيشنز(ايپس) تي مستقل پابندي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.هنن ايپس تي ڀارت جي اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي پابندي لاڳو ڪئي آهي ان کان علاوه ان ايپليڪشنز تي جون 2020 ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي پر هاڻ چيو پيو وڃي ته هاڻ لڳايل پابنديون مستقل طور تي لاڳو ڪيون ويون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب حڪومت ڪمپنين کان تفصيل طلب ڪيا هيا ته هو صارفين جا ڪهڙا ڪهڙا تفصيل جمع ڪن ٿا ۽ انهن کي ڪهڙن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندا آهن.ڀارتي ميديا موجب ظاهري طور تي اهو لڳي رهيو آهي ته ڪمپنين طرفان ڏنل جواب حڪومت کي مطمئن ناهن ڪري سگهيا جنهن سبب مستقل طور تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. ان کان علاوه 2020 ۾ ڀارتي حڪومت چين سان هلندڙ ڇڪتاڻ دوران ٽڪ ٽاڪ سميت 59 چيني ايپس تي پابندي جو اعلان ڪيو هو. علي بابا گروپ جي يو سي برائوزر، فيشن ايپ شائن ۽ بائيڊو ميپس تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. چين سان لداخ جي سرحدي علائقي ۾ ڇڪتاڻ جي دوران انڊين حڪومت ان فيصلي کي ايمرجنسي حل ۽ قومي سلامتي جي لاءِ ضروري قدم ٻڌايو هو.ٻنهي ملڪن جي فوج وڄ ۾ تشدد ۽ ڇڪرين دوران 15 جون تي 20 انڊين فوجي مارجي ويا هئا. ان حوالي سان ڀارتي اطلاعات واري وزير روي شنڪر پرساد ٽوئٽ ڪندي چيو هو ته هي پابندي سيڪيورٽي خود مختاري ۽ سالميت جي لاءِ ضروري آهي اسان انڊين شهرين جي ڊيٽا ۽ پرا.ئيوسي ۾ ڪهڙي به طرح سان جاسوسي نٿا چاهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔