سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پاران سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي حمايت

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪرائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين سينٽ جي چونڊ ڪرائڻ جي حوالي سان صدارتي ريفرنس تي پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن اوپن بيلٽ جي حمايت ڪري ڇڏي.صادق سنجراڻي 5 صفحن تي ٻڌل جواب ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ طارق عزيز جي ذريعي جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2015 ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ فلور ڪراسنگ جا الزام سامهون آيا هئا، جنهن بعد سينيٽ چونڊن تي بحث ٿيو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته سينيٽ ايوان ڪميٽي ۾ سفارش ڪئي وئي ته بيلٽ پيپر جي پٺيان ووٽر جو نالو هجي ۽ شڪ جي صورت ۾ پارٽي سربراهه کي ووٽ جي تفصيل ڏسڻ جو اختيار هجي.هن پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته شفاف اوپن سينيٽ چونڊ هن وقت وسيع تر قومي مفاد ۾ آهن، سينيٽ چونڊن بابت آئين خاموش آهي ۽ آئين جي تشريح ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي، آئين ۽ لاڳاپيل قانون جي تشريح سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي به ذميواري آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته سمورا اسٽِڪ هولڊرز تسليم ڪندا آهن سينيٽ جي چونڊ شفاف ٿيڻ گهرجي، پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيڻ وارو اقرار ڪري ۽ نتيجن کي منهن ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔