پروفيسر صديق ڪلهوڙو سنڌ يونيورسٽي جو نئون وي سي مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪوٽڙي: آخر ڪار سنڌ يونيورسٽي جو نئون وائيس چانسلر مقرر ٿي ويو، اڳوڻي وقتي وي سي پرفيسر صديق ڪلهوڙي جي بطور سنڌ يونيورسٽي جي نئين وي سي جي سمري منظور ٿيڻ کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ٽائيم نيوز گذريل ڏينهن پروفيسر صديق ڪلهوڙي جي وي سي طور سمري منظور ٿيڻ جي به خبر نشر ڪئي هئي. ڊاڪٽر فتح محمد برفت جو چئن سالن جو تڪراري دور پڄاڻي تي پهچي ويو. ڊاڪٽر برفت آخر تائين ٻيهر وي سي ٿيڻ يا مدي جي واڌ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو پر ناڪام رهيو، نئين وي سي جو صديق ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته منهنجي سڀ کان اولين ڪوشش يونيورسٽي کي مالي خساري مان آجو ڪرائڻ هوندي. عرفانه ملاح چيو آهي ته پروفيسر صديق ڪلهوڙو يونيورسٽي جو ماڻهو آهي ان ڪري ان مان بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي، کيس آجيان ڪريون ٿا. سيوا اڳوڻ محمد علي گهانگهرو چيو آهي ته ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيا ته نئين وي سي آڏو به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔