سي اين جي اسٽيشنز مالڪن لاءِ خوشخبري، نون لائسنس تان پابندي ختم

اسلام آباد: اوگرا نوان سي اين جي لائسنس جاري ڪرڻ تي 12 سالن کان لڳل پابندي ختم ڪندي لائسنس جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان سي اين جي ايسوسئيشن موجب اوگرا نون سي اين جي لائسنس تان پابندي 12 سالن کان پوءِ هٽائي ڇڏي آهي ۽ نوان سي اين جي لائسنس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو نوان لائسنس وٺي آر ايل اين جي تي سي اين جي اسٽيشن هڻڻ چاهن ٿا اُهي اوگرا ۾ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔