ٻارڙن سان زيادتي جي جوابدارن کي موت جي سزا، ڪي پي سرڪار پاران قانون تيار

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت ٻارڙن سان زيادتي واري قانون ۾ ترميم جو بل تيار ڪري ورتو آهي ۽ ڄاڻايل ترميمي بل تحت ٻارڙن سان زيادتي جي جوابدارن کي موت واري سزا يا عمرقيد جي سزا ڏئي سگهبي. خيبرپختونخواهه حڪومت چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر ترميمي بل تيار ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ٻارڙن سان زيادتي جي جوابدار کي موت واري سزا يا عمرقيد جي سزا ڏيڻ واري تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ ٻارڙن سان زيادتي ۾ موت جي سزا واري جوابدارن جي آڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويندي، جيڪا حڪومتي منظوري کانپوءِ عوام کي به ڏني ويندي. بل تحت زيادتي ۾ ملوث عمر قيد جي سزا اڻيندڙ ڪندڙ قيدي قدرتي موت تائين جيل ۾ ئي هوندو، جنهن کي پيرول تي آزاد به نه ڪري سگهبو، ٻارڙن سان زيادتي واري ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي سزا ۾ حڪومت معافي نه ڏيندي، جڏهن ته ترميمي بل تحت ٻارڙن جي غير اخلاقي وڊيو ٺاهڻ تي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ۽ 5 لک ڏنڊ ۽ ٻارڙن کي غلط عمل طرف وٺي وڃڻ تي 10 سال سخت پورهئي سان سز اڏيڻ جي تجويز آهي. بل تحت ٻارڙن جي اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي 14 سال کان 25 سال تائين قيد جي سزا ڏني ويندي، زيادتي ۾ ملوث جوابدار جو رڪارڊ چائلڊ ڪميشن ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ اهو رڪارڊ نادرا کي به ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔