ن ليگ پاران فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کليل هلائڻ وارو چيلينج قبول

اسلام آباد: ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب پاران وزيراعظم کي فارين فنڊنگ ڪيس کي اوپن ڪرڻ بابت چيلينج ڪري ڇڏيو،جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب هاڻ پنهنجن بيانن سان پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي.ن ليگ ترجمان چيو ته عمران صاحب 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهن،هينئر تائين توهان اليڪشن ڪميشن کي درخواست نه ڏني آهي.هن چيو ته عمران صاحب اليڪشن ڪميشن ۾ ترت درخواست ڏئي ته فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي.مريم اورنگزيب پڇيو ته عمران صاحب آمريڪا ۾ توهان غير قانوني فارين فنڊنگ ڪيس لاءِ ڪيتري فيس ڏئي رهيا آهيو؟ ڇا اها فيس قومي خزاني مان ڏئي رهيا آهيو؟ يا فنڊنگ جي غيرقانوني پئسي مان؟هن چيو ته عمران صاحب توهان پنهنجي ڳالهه تي عمل ڪريو، فارين فنڊنگ ڪيس جو سمورو ريڪارڊ عوام جي سامهون آڻڻ جو حڪم ڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔