چين ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي

بيجنگ: چين ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال گذريل سال مارچ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي ۽ روزاني جي بنياد تي نوان ڪيس سامهون اچڻ جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ ٿي وئي آهي.رپورٽ موجب چين اهو ملڪ آهي جتي ڪورونا جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو هو ۽ پوءِ موذي وائرس دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجي ويو. جنهن سبب دنيا ۾ فضائي آپريشن بند، معاشي سرگرميون ٺپ ۽ اسپتال مريضن سان ڀرجي ويا هئا.چين پنهنجي بهترين صحت واري نظام ۽ سخت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي سڀني کان پهريان هن وبا تي ڪنٽرول ڪري ورتو هو پر هاڻ ٻيهر چين ۾ به اها وبا ڪر کڻڻ لڳي آهي.مارچ 2020 کان پوءِ کان چين هن وقت سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔