سنگاپور: برطانوي شهري کي مڱيندي سان ملڻ جي سزا ڇهه مهينا ٻڌائي وئي

سنگاپور ۾ قرنطينه ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب برطانوي شهري کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سينگاپور ۾ موجود 52 ساله برطانوي سياح هڪ هوٽل ۾ 14 ڏينهن جي لاءِ قرنطينه ۾ گذاري رهيو هو ان دوران هو پنهنجي مڱيندي سان ملڻ جي لاءِ هوٽل مان ٻاهر نڪتو. جنهن کان پوءِ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي برطانوي شهري کي 6 مهينن جي لاءِ جيل موڪليو ويو آهي.واضح رهي ته سنگاپور ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت پرڏيهين کي ٻه هفتا قرنطينه ۾ گذارڻو پوندو آهي. عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 9 ڪروڙ 60 لک 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهومتاثر ۽ 20 لک 49 هزار 311 فوتگيون ٿي چڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔