ملڪ ۾ ڪورونا جا 1800 نوان ڪيس رپورٽ،48 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ ارڙنهن سئو ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته 48 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان ڪورونا جي تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 هزار 772 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 24 هزار 783 ٿي ويو آهي جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 78 هزار 517 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 2 لک 37 هزار 308، پنجاب هڪ لک 50 هزار 889، خيبرپختونخواهه 64 هزار 78، بلوچستان ۾ 18 هزار 640 ڪيس، اسلام آباد 40 هزار 304، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 892 ڪيسز رپورٽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 8 هزار 672 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔