نيب چوڌري ڀائرن خلاف ويهه سالن کان پوءِ سمورا ڪيس بند ڪري ڇڏيا

لاهور: نيب چوڌري ڀائرن خلاف 20 سالن کان پوءِ سمورا ڪيس بند ڪري ڇڏيا آهن.

نيب پراسيڪيوٽر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي سموريون انڪوائريون بند ڪري ڇڏيون. جسٽس صداقت علي جي سربراهي ۾ 2  رڪني بينچ چوڌري ڀائرن جي چيئرمين نيب جي اختيارن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڊي جي نيب شهزاد سليم رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست ڏيندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو ته نيب سياسي انجنيئرنگ ڪندڙ ادارو آهي. نيب جي ڪردار ۽ جاچ جي غلط طريقي تي عدالتون به فيصلا ڏئي چڪيون آهن. نيب 20 سال اڳ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪئي پر ناڪام ٿيو، اسان جو سياسي خاندان آهي، سياسي طور انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي.

چوڌري ڀائرن جي وڪيل چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي خلاف بطور وزير بلديات ڪرپشن جا الزام لاڳو ڪيا ويا پر ڪي به پڪيون شاهديون نه مليون، ڪنهن به مالي اداري طرفان نيب کي ڪرپشن جون شاهديون نه مليون. پراڻا سياستدان آهيون، ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي. عدالت کي استدعا آهي ته نيب پاران 20 سالن جي پراڻي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري جاچ ٻيهر کولڻ جي قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب عدالت کي ٻڌايو ته چوڌري پرويز الاهي، چوڌري شجاعت حسين ۽ ٻين خاندان جي ماڻهن خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي جي نيب جي بيان جي روشني ۾ چوڌري ڀائرن جون نيب خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون. واضح رهي ته چوڌري ڀائرن نيب طرفان ٻيهر جاچ جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

نيب لاهور ان کان اڳ چوڌري ڀائرن جي خلاف غيرقانوني ڀرتين ۽ بينڪ ۾ فراڊ جي جاچ به بند ڪري چڪو آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي لاءِ گجرات جي  هڪ رهواسي نيب کي درخواست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔