لسبيله ويجهو روڊ حادثو، ٻن ليويز اهلڪارن سميت اٺ ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا:  لسبيله ويجهو روڊ حادثي سبب 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ضلعي لسبيله جي علائقي بيله ۾ مسافر ڪوچ نمي چيڪ پوسٽ ويجهو تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

فوت ٿي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ بيله اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايدهي ذريعن موجب حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ ڪوئٽه  کان ڪراچي وڃي رهي هئي جنهن ۾ 28 مسافر سوار هئا.

روڊ حادٿي ۾ 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي بيله اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔