پي ڊي ايم جي احتجاج تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل اچي ويو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ ڪيس تي جلد فيصلي لاءِ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ جي احتجاجي مظاهري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جو موقف به سامهون اچي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي. اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪري رکي آهي. سندس چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ڪورونا وبا، وڪيلن جي مصروفيتن ۽ اسڪروٽني ڪميٽي جي هڪ ميمبر جي ريٽائرمنٽ جي باوجود چڱي اڳڀرائي ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن دباءَ جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔