اداڪاره نيتو چندرا پاران ڪنگنا جي ڪامياب فلم جي حوالي سان اهم انڪشاف

ممبئي: ڀارت جي بولڊ اداڪاره ۽ فلمساز نيتو چندرا دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي 6 ڀيرا فلم مان ڪڍي ٻئي اداڪاره کي شامل ڪيوويو.هڪ انٽرويو ۾ نيتو چندرا جو چوڻ هو ته 2011 جي بالي ووڊ فلم (تنوويڊز منو ريٽرنز) ۾ مک ڪردار جي لاءِ پهريان مون کي چونڊ ڪيو هو پر بعد ۾ فلم جي هيرو رنگ ناٿ مدهاون جي چوڻ تي مون کي هٽائي ڪنگنا رناوت کي ڪاسٽ ڪيو ويو.نيتو چندرا چيو ته اهڙا ڪيترائي واقعا مون سان ٿيا آهن پر اهي سڀ جدوجهد جو حصو آهن. هن جو چوڻ هو ته جڏهن فلم جو هيرو ئي ڪنهن ٻئي اداڪاره جو نالو تجويز ڪري ته اهڙي ۾ مون جهڙي پٺتي پيل اداڪاره جي ڳالهه ڪير ٻڌندو.ياد رهي ته 2011 ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ فلم(تنو ويڊز منو ريٽرنز) ۾ ڪنگنا رناوت ڊبل ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته رنگ ناٿ مدهاون جو ان ۾ اهم ڪردار سامهون آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔