ايٿوپيا ۾ قهري ڪارروائي، عورتن ۽ ٻارن سميت 80 ڄڻا قتل

ايڊس ابابا : آفريقي ملڪ ايٿوپيا ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي خوفناڪ حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 ڄڻا مارجي ويا.
اهو واقعو سوڊان جي سرحد ڀرسان بينشانگول-گوموز علائقي ۾ پيش آيو، جنهن کي قتل عام قرار ڏنو پيو وڃي، مارجي ويلن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن.
واضح رهي ته ان علائقي ۾ ڪيترن ئي نسلن جون اقليتون آباد آهن ۽ انهن نسلي گروهن طرفان هڪٻئي کي نشانو بڻائڻ جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔