اليڪشن ڪميشن اڳيان پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ رنڊڪون نه وجهنداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اڳيان پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ ڪي به رنڊڪون نه وجهنداسين، اُميد ته پي ڊي ايم قانون کان مٿانهون ڪم نه ڪندي، قانون ۾ هٿ کنيو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ چئي چڪي آهي ته هر جاءِ تي ڌرڻو يا احتجاج نٿو ڪري سگهجي، وفاقي وزير شيخ رشيد، پرويز خٽڪ، شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ فروغ نسيم جي پريس ڪانفرنس، وفاقي وزيرن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اپويشن چونڊن ۾ ڌانڌلين جو ڪوبه رڪارڊ پيش نه ڪيو آهي، رڳو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ راند کيڏي پئي وڃي، پي ٽي آءِ طرفان پرڏيهي فنڊز ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، اپوزيشن سياست کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ گهري ٿي، الله چاهيو ته عمران خان پنج سال پورا ڪندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔