بجلي بريڪ ڊائون: نون ليگ پاران عمر ايوب ۽ فيصل واوڊا کان استعيفائن جو مطالبو

لاهور: بجلي جي بريڪ ڊائون جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) توانائي واري وزير عمر ايوب ۽ فيصل واوڊا جي استعيفائن جو مطالبو ڪندي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مسلم ليگ(ن) جي ايم پي اي سميرا ڪومل طرفان جمع ڪرايل قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته بجلي جي سڄي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي. قرارداد جي متن ۾ لکيل آهي ته جاچ ڪميشن ۾ بجلي ۽ پاڻي وارن وزيرن سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي، جاچ ڪميشن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ماڻهن جي جاچ ڪندي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جاچ ڪميشن هڪ هفتي ۾ پنهنجي رپورٽ عوام آڏو آڻي، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي وزير عمر ايوب ۽ فيصل واوڊا فوري طور تي استعيفيٰ ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔