ڪراچي: اي ٽي سي نيوي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيوي جي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، صفوران سانحي ۾ موت جي سزا ٻڌايل ڪالعدم تنظيم جي سعد عزيز ۽ ٻين تي فرد جرم ثابت ٿيو، عدالت قتل جي ٻن ڪيسن ۾ سعد عزيز عرف ٽن ٽن کي گڏيل طور 50 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار کي نيوي جي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي، جوابدار سعد عزيز جي وارثن کي مقتولن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔