دادو ڀرسان مڙس ۽ ڏيرن هٿان مبينا قيد ڪيل عورت ٽن ٻارڙن سميت هٿ

دادو: دادو ڀرسان مڙس ۽ ڏيرن هٿان مبينا ناحق قيد ڪيل عورت ٽن ٻارڙن سميت هٿ اچي وئي آهي، بي سيڪشن ٿاڻي تي عميده پنهور جي اغوا جو سندس مڙس پيرل ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عورت عميده پنهور جو چوڻ آهي ته مڙس ۽ ڏيرن ناحق ڪچي جي هڪ ۾ قيد ڪيو هو، جتي هڪ پٽ کي به جنم ڏنو، ڪچي مان ڪراچي نيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ مڙس ۽ ٻيا دادو ٻاهران ڦٽو ڪري ويا، تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي پاسي ميهڙ واسڻ ناري مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي فريد آباد ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس 24 ورهين جي حاجرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ عورتن جي تحفظ واري سيل پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔