وزيراعظم کي عوام سڃاڻي چڪو آهي، فقط کوکليون ڳالهيون ڪري پيو: مراد علي شاهه

ٽنڊو الهيار: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 1985 ۾ ميدان خالي ڇڏڻ جو سبب غير جمهوري قوتون ميدان ۾ آيون هيون، پر هاڻي اسان ڪو به ميدان خالي نه ڇڏينداسين. ٽنڊو الهيار ۾ اڳوڻي ايم اين اي پير نور محمد شاهه جي وارثن سان تعزيت بعد ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي هر علائقي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مضبوطي ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري مخالفن جا حوصلا خطا ٿي ويا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙ قوتون به هن مان بيزار ٿي چڪيون آهن، هن جي وڃڻ جو واقت اچي ويو آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو، مدينه جي رياست جون ڳالهيون ڪندڙ وزيراعظم کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو، هو فقط کوکليون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔