ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري کي باهه ، 8 پورهيت سڙي زخمي

ڪراچي : ڪراچي  جي سائيٽ ايريا ۾ بابر ڪانٽا ڀرسان ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيترائي پورهيت ڦاٿل آهن، باهه لڳڻ واري اطلاع تي فائر برگيڊ جون 7 گاڏيون فيڪٽري پهچي ويون جيڪي باهه وسائڻ ۾ رُڌل آهن، فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته باهه ٽئين درجي جي آهي، جنهن تي جلد ضابطو آندو ويندو، باهه لڳڻ جا ڪارڻ به سامهون نه اچي سگهيا آهن، جنهن جي حوالي سان معلومات ورتي پئي وڃي. جڏهن ته زخمين کي عباسي شهيد ۽ ٻين مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔