ماسڪ پائڻ باوجود صحيح سڃاڻپ ڪندڙ نظام

واشنگٽن : آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف هوم لينڊ سيڪيورٽي (ڊي ايڇ اي) دعويٰ ڪئي آهي ته هنن هڪ اهڙي ٽيڪنالوجي تيار ڪئي آهي جيڪا ماسڪ پائيندڙ کي به سڃاڻي سگهي ٿي.
هن وقت ڪورونا وبا جي ڪري سموري دنيا لاءِ ماسڪ پائڻ ضروري ٿي پيو آهي پر هوائي اڏن يا ٻين اهڙين جڳهين تي ماسڪ لاهڻ ضرور ٿيو پوي، جنهن سان ڪورونا وڌڻ جو خطرو هوندو آهي.
ٻئي طرف ڏوهاري به اهڙو ماسڪ پائي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا تنهن ڪري ان لاءِ جديد ترين ٽيڪنالوجي لازمي آهي.
پريس رليز موجب ڊي ايڇ ايس ان ٽيڪنالوجي تحت ٺاهيل مختلف نظامن جي زمائش ڪئي وئي جيڪا ڏهه ڏينهن جاري رهي.
انهن آزمائشن ۾ 60 ملڪن سان تعلق رکندڙ 582 رضاڪار شريڪ ٿيا جن جي ماسڪ سميت سڃاڻپ ڪرڻي هئي، انهن نظامن جي بهترين ڪارڪردگي 96 سيڪڙو جڏهن ته وچولي ڪارڪردگي 77 سيڪڙو خبر پئي.
ڊي ايڇ ايس ۾ ”بيوميٽرڪ اينڊ آئيڊنٽيٽي سينٽر“ جي ڊائريڪٽر ارون ويموري اعتراف ڪيو آهي ته ان ۾ ڪجهه غلطيون به ٿي سگهن ٿيون پر پوءِ به اها استعمال جي قابل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔