جوبائيڊن پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڪانگريس جي عمارت تي حملو ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، صدر ٽرمپ جمهوري ادارن تي حملو ڪيو.
جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ڊونلڊٽرمپ آمريڪي وٽرز جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪي عزت، سالميت ۽ آزادي کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پوليس جي رويي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي جوبائيڊن جو چوڻ هو ته پوليس ٽرمپ جي حامين سان نرم رويو رکي ٿي پر نسل پرستي خلاف مظاهرو ڪندڙن سان سختي ڪئي وڃي ٿي.
نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث ماڻهو مقامي دهشتگرد آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔