هزارا برادري جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن، منهنجي آمد کانپوءِ لاش دفنائڻ وارو شرط بليڪ ميلنگ آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان هزارا برادري جي سندس آمد کانپوءِ لاش دفنائڻ واري شرط کي بليڪ ميلنگ قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته هزارا برادري جا سمورا مطالبا مڃي  ورتا آهن، منهنجي آمد کانپوءِ لاش دفنائڻ وارو شرط بليڪ ميلنگ آهي، ائين ته هر ماڻهو وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪندو، هزارا برادري پورهيتن جا لاش دفنائَي، آئون اڄ ئي ڪوئيٽا پهچي ويندس، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته مچ سانحو ڀارت طرفان پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري سازش جو حصو آهي، ڀارتي سازشون ناڪام بڻائڻ تي انٽيليجنس ادارن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔